تمر فقير

تَمَر فقير:”تمر فقير“، شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو وڏو خليفو، راڳائي ۽ شاهه جي راڳ جي سلسلي کي کانئن پوءِ جاري رکندڙ هو. عربيءَ ۾ ”تمر“ کجيءَ کي چوندا آهن ۽ روايت آهي ته تمر فقير، مديني شريف ۾ کجيءَ هيٺ ڄائو هو، انهيءَ ڪري مٿس نالو ”تمر“ رکيائون. ”تمر فقير“ شاهه جي راڳ جو پهريون مُکيه قابل اڳواڻ، شاهه جي بيتن جو وڏو راوي ۽ خود شاعر هو. شاهه جي رسالي ۾ سسئيءَ جي سر مان ڪيترا بيت ۽ وايون تمر فقير جون ۽ ڪلام گڏجي ويو آهي. تمر فقير شاهه لطيف وانگر ڪيترن سرن ۾ بيت ۽ وايون چيون، سندس شاعريءَ تي شاهه سائينءَ جو رنگ غالب آهي. چون ٿا ته تمر فقير، شاهه سائينءَ جي ڪلام کي ترتيب ڏئي ٻه بياض تيار ڪرايا هئا. شاهه سائينءَ جي وفات کان پوءِ تمر فقير جڏهن ڪڇ جي سفر ڏانهن اُسهيو ته شاهه جي ڪلام جو هڪڙو نسخو اڏيري لال جي سيدن وٽ ڇڏيائين ۽ ٻيو پاڻ سان گڏ ڪڇ کڻي ويو.
تمر فقير 1181هه/ 1767ع ۾ وفات ڪئي، سندس تربت شاهه صاحب جي روضي جي ٻاهر اولهه طرف آهي، جتي مٿس چوکنڊي ٺهيل آهي.
تمر فقير پنهنجي زندگيءَ جي سفر، ڪڇ ڏانهن وڃڻ ۽ موٽڻ سبب شاھه صاحب جي مڙني فقيرن ۾ نشانبر رهيو ۽ شاعر هئڻ ڪري مشهور ٿيو. هونئن حاضريءَ جي سڀني فقيرن ۾ تمر فقير ننڍو به هو. شاھ صاحب جي خدمت جا فقط چند سال زنده رهيو. کانئس وڏيءَ عمر جي فقيرن ۾ محبت فقير سالارو (تمر جو چاچو)، محمد عالم ڏيرو، عبدالواسع سالارو، سکر فقير، ڪمال فقير، اجن فقير، اسماعيل فقير سمون، سيد نهال شاھ، وڳند فقير، محمد رحيم (منشي)، عنايت فقير وساڻ، عبدالجميل انڙ، ونهيون فقير، سومرو فقير خانپوري، رحمون فقير (بورچي)، راول فقير، عارف فقير ٿيٻو، سيد تقي شاھ، عرس فقير ساند ۽ عمر فقير سهتو وغيره آهن.
تمر فقير جي پيءُ جو نالو صحبت فقير هو ۽ ذات جو سالارو هو. ڀٽ شاھ کان پنج ميل ڏکڻ اولهه ڏانهن کنڊوءَ جي ويجھو بلند شاھ جو ڳوٺ هو . سالار اصل ۾ هالا ذات جا آهن“.
قادن شاھه لکيو آهي ته: ”عام روايت آهي ته تمر فقير جي والدين کي اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. هڪ ڀيري ڏاڍيءَ سڪ ۽ سوز سان اچي شاھ ڀٽائيءَ کي عرض ڪيائون ته قبلا اسان لاءِ درگاه الاهيءَ ۾ دعا گھُرو ته ڪو خير جو اولاد ٿئي“. چون ٿا ته شاھ صاحب هنن لاءِ دعا گھُري. تمر فقير جا والدين حج تي ويا. اُتي صحبت فقير جي گھرواري اميد سان ٿي. اُتي ئي رهي پيا هئا. تمر اُتي ئي ڄائو. جڏهن وطن وريا ته شاھ حبيب گذاري چڪو هو. مرشدن سان ملڻ ۽ عذرخواهيءَ لاءِ ويا. شاھ صاحب ننڍڙي تمر کان پاٻوهه سان نالو پڇيو. هن ”حاجي علي “ ٻڌايو ته شاھ صاحب حضرت علي عليه السلام جي ادب سبب ننڍڙي جو نالو ’تمر‘ تجويز ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو کجيءَ جي وڻ هيٺ ڄائو هو. شاھه صاحب عرب عورتن جي اُن وقت خوشيءَ مان ڳايل هن گيت جو به اشارو ڏنو:
فوق مطر-تحت التمر-لبن البقر-هات الله هات الله
(مٿان مينهن، هيٺان کجور، ڳئون جو کير-ڏي الله ڏي الله).
ڊاڪٽر دائودپوٽي جو خيال آهي ته تمر فقير 1150 ھه ۽ 1155ھه جي وچ ۾ ڄائو. اُنهيءَ اندازي موجب شاھه صاحب جي وفات وقت 13- 14 سالن جو هوندو. اُن ڪري شاھ صاحب سان ريجهه رهاڻ ۽ ميين عنايت شاهه ڏانهن نصرپور وڃڻ واريون روايتون شڪي ٿي پون ٿيون، پر تمر جو اڳواڻ هئڻ يا سندس شاعري ٻڌائين ٿيون ته دائود پوٽي صاحب جو مفروضو درست نه آهي.
مير عبدالحسين سانگي پنهنجي تصنيف ”لطائف لطيفي“ ۾ لکي ٿو ته، ”تمر فقير جا وڏا اصل کان شاهه لطيف جي والد شاهه حبيب جا مريد ۽ معتقد هئا“، تمر ننڍپڻ کان ئي شاهه صاحب جي صحبت ۾ رهيو ۽ سندس رنگ ۾ رڱجي ويو. روحانيت جو مقام شاهه صاحب جي صحبت ۾ ئي طئه ڪيائين. هي ڪڏهن به شاهه صاحب کان پري نه ٿيو ۽ شاهه صاحب به کيس پٽن وانگر ڀائيندو هو.
تمر فقير هڪ اهل دل درويش هو ۽ هميشه درگاهه لطيف تي فقير فقراءِ جي خدمت چاڪري پيو ڪندو هو. مسجد جي امامت به خود ڪندو هو. سيد جمال شاهه کي هميشه کٽڪو رهندو هو ته متان مريد تمر ڏانهن متوجهه ٿين، ان ڪري تمر فقير، سيد جمال شاهه جي کٽڪي کي دور ڪرڻ لاءِ ڪڇ ڏانهن راهي ٿيو. ڪڇ ويندي پهرين منزل دائري شريف (اڏيري لعل) جي سيدن وٽ ٿيس، جن سندس گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ اتان موڪلائڻ وقت سيدن وٽ ”گنج“ (شاهه جي ڪلام جو قلمي نسخو) امانت طور رکي ويو. جلاوطنيءَ جا ڪيترا سال اُتي گذارڻ کان پوءِ ڀٽ شاهه ڏانهن رخ ڪيائين، پر ڀٽ شاهه تي پهچڻ کان اڳ ئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
بهرحال ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته تمر فقير شاھ صاحب جي وفات کان پوءِ ڀٽ جي سيدن جي باهمي اختلافن کان پاڻ بچائڻ خاطر ڪڇ هليو ويو هو. ساڻس گڏ چند ماڻهو هئا. هي درويش تنبورو ۽ رسالو ساڻ ڪري اُڏيري ۽ بدين کان ٿيندو ڪماگون پهتو. هي مقام ڀڄ کان 9 ميل پري آهي. ڪڇ جو راجا به دعا گھرڻ لاءِ وٽس آيو هو. ڪماگون ويجھو تمر فقير جا ’پونئرا‘ موجود آهن. آخري ڏينهن ۾ مرشد جي ڇِڪ سبب اُتان واپس ڀٽ ڏانهن روانو ٿيو. ڏاچيءَ تي سوار هوندي واٽ تي دم ڏنائين. کيس درگاھه ڀٽ شاھه جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت سندس سلسلي جي گاديءَ تي فقير الله بچايو تمراڻي آهي، جيڪو لطيف سائينءَ جي راڳ جو اڳواڻ پڻ آهي.
تمر فقير، ڀٽ شاھه تي شاھه جي راڳ جو اڳواڻ هو. کانئس پوءِ ڪمال فقير ۽ يعقوب فقير (شهيد) راڳ جي اڳواڻي ڪئي. اسماعيل فقير الياس فقير کي مقرر ڪيو. الياس فقير کان پوءِ مراد فقير ٻگھيو اڳواڻ ٿيو. ان کان پوءِ ٻيا ڪيترا فقير هي منصب ماڻيندا آيا ۽ ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ گادي نشين پير غلام شاھه لطيفي راڳ جو سرواڻ ٿيو.
تمر فقير جو گھڻو ئي ڪلام هو. پر محفوظ ٿورو رهيو آهي. هُو شاھه صاحب جهڙي آسمان ادب جي آفتاب جي اثر هيٺ اُسريو. هن جي شاعريءَ جو رنگ ساڳيو آهي، جنهن ۾ رسالي جو روح قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. مختلف سندس سُرن ۾ ڪلام موجود آهي. ڪڇ ۾ هو ته آستانِ لطيف جي سڪ کانئس هيٺيون شعر چوِرايو:
هُـو ڀـونگا هُو ڀيـڻيـون، هُو مـارُن جـا مـڪـان،
ڪـي ڏينـهن هتي جيڏئين، هئا گھيٽن سان گذران،
ســي هــنڌ پسـي سـومــرا، هيــنئـڙو ٿيو حيران،
مـــارو هــئـا مهـــمــان، اُٺـــي ويـئـــڙا اُڪــــري.
شاھه صاحب جو اثر ۽ سڪ تمر وٽ سرس موجود آهي. شاھ صاحب کي پل پل ياد ڪندو هو. مرشد کي رامڪليءَ ۾ هيئن ٿو ياد ڪري:
رام جنهن جي روح ۾، تن ڪيو ڪاپڙين ڪمال،
جنـيــن پاتـو، تنيـن ماڻيو، جـانـب جــو جـمــال،
تنيـن جــو تـمـر چــوي، هُـئــي مـوچــارو حــال،
او نـانـگـا ٿيــا نهـال، پـڇـن گــس گـروءَ جــو.


لفظ تمر فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو